ڊبليو ايڇ مورلينڊ

ڊبليو. ايڇ. مورلينڊ: مغربي سياح ڊبليو. ايڇ. مورلينڊ مغلن جي دؤر ۾ هند ۾ آيو هو ۽ برصغير جي تاريخ جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. مورلينڊ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي وڏي عهدي تي فائز هو. هن هند ۾ داخل ٿيڻ جو خاص ڪارڻ سندس ڪمپني هئي. هن برصغير جي تاريخ تي ٽي ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌ جي زراعت، تجارت ۽ معيشت جو تفصيلي ذڪر آهي. ڊبليو. ايڇ. مورلينڊ پهريون مغربي سياح آهي، جنهن سنڌ جي زراعت، زرعي پيداوار ۾ واڌ، زرعي لاڙن ۾ ترقي ۽ زرعي اوزارن تي بحث ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته: ”هندستان جي زراعت سورهين صدي کان زور وٺڻ شروع ڪيو، پر بنيادي ڳالهين ۾ ڪو خاص فرق ڪو نه آيو، سموري هندستان جي گڏيل پيدائش اڳ جيتري رهي ۽ سنڌ ۾ ساڳي صورتحال رهي.“
هو سنڌ جي زراعت ۽ زمين بابت ڪئمنيس، ليکڪ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌ هڪ زرخيز ترين علائقو آهي، هتان جي زمين ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گهڻي پيداوار ڏئي ٿي. اونهاري ۾ پوکيءَ لائق ڳچ زمين پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ زرخيز لٽ اچي ٿي، ان ڪري زمين وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي. ان ڪري زمين گهٽ محنت سان وڌيڪ پيداوار ڏئي ٿي.“
زمين جي ڍل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”زمين جي ڍل مقاطعي جي اصول تي ڏني ويندي هئي، جنهن موجب زميندار کي مقاطعي يا معاهدي تي زمين ملندي هئي، جنهن ۾ زمين جي پکيڙ ۽ مقاطعي جا شرط ڄاڻايل هوندا هئا. زمين ملڻ کان پوءِ زميندار کي پنهنجي زمين جي ڪنهن به حصي، ٻئي ڪنهن کاتيدار يا مقاطيدار کي ڏيڻ جي آزادي هوندي هئي، پر حڪومت کي سموري ڍل ڀري ڏيڻ لاءِ هو ئي ذميوار هوندو هو.“
سنڌ جي واپار جو ذڪر ڪندي هن لکيو آهي ته: ”سوٽي ڪپڙو سنڌ مان چئن رستن کان ٻاهر ويندو هو، سنڌو درياهه ذريعي سامان لاهري بندر آندو ويندو هو ۽ اتان ٻاهر ويندو هو. خليج ڪمپنيءَ وٽ داهولا جو علائقو، ڪارومندل ۽ بنگال هو، لاهور ملتان، ٺٽي ۽ سکر ۾ سٽ ڪتيندڙن ۽ آڏاڻن جي گهڻائي هئي. سنڌوءَ ڪناري انهيءَ ڌنڌي ڪندڙ ماڻهن جا ڪيترا مرڪز هئا. سندن پيداواري شيون گهڻو ڪري سمنڊ ذريعي ٻاهر موڪليون وينديون هيون. ڪجهه پيداوار عرب ملڪن ۾ ويندي هئي ۽ باقي پورچوگال ويندي هئي. هتان جي ماڻهن کي جهازرانيءَ جو گهٽ شوق هوندو هو، اُن ڪري گهڻو سامان پورچوگيزي جهاز کڻندا هئا، ان وقت پورچوگيزي علائقي جا خودمختيار هوندا هئا ۽ سندن مغلن سان گهرا لاڳاپا هوندا هئا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ٺٽو ۽ نصرپور صنعت جا خاص مرڪز هوندا هئا، قلمي شورو سنڌ جي روانگي واري مال ۾ خاص اهميت رکندو هو. قلمي شورو ان دور ۾ ڪچي مال ۾ خاص اهميت رکندو هو. سنڌي واپارين جو هر جاءِ ڪوٺيون قائم ٿيل هيون، پرڳڻي ۾ سندن مرڪزي آفيسون قائم ٿيل هيون، واپارين جي ساک برقرار هوندي هئي.“
هن جي لکيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
1. From Akbar to Aurangzeb: A Study in Indian Economic History
2. India at the Akbar, and Economic Study.
3. India at the Death of Akbar: An Economic Study
4. Relations of Golconda in the Early Seventeenth Century
5. The Agrarian System of Moslem India
6. The Agriculture of the United Provinces: An Introduction for the Use of Landholders and Officials
7. A Short History of India
8. A Short History of India: From the Earliest Times to 1945
9. Akbar’s Land Revenue Arrangements in Bengal
10. An Introduction to Ecenomics for Indian Students
11. Jahangirs India: The Remonstranite of Francisco Pelsaert.
12. Peter Floris, his Voyage to the East Indies in the Globe 1611-1615 (The Contemporary Translation of his Journal)
13. Provincial and District Notes on the Agricultural Conditions and Problems of the United Provinces.
14. Revenue Administration of the United Provinces.
15. The Agrarian System in Moslem India: A Historical Essay with Appendices.
16. The Development of the Land Revenue System of the Mogul Empire.


هن صفحي کي شيئر ڪريو